عمران خان اليڪشن جي پچ تي رن آئوٽ: شاهه محمود، پرويز الاهي، فواد چوڌري به نااهل

جنوري 18, 2024

پشاور/ لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان اليڪشن جي پچ تي رن آئوٽ ٿي، شاهه محمود، پرويز الاهي، فواد چوڌري سميت نااهل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف باني جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ رٽرننگ آفيسر ۽ اپليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا. عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته رٽرننگ آفيسر ۽ اپليٽ ٽربيونل حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، تنهن ڪري عدالت اپليٽ ٽربيونل ۽ رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران جاري ڪيل حڪم ۾  شاهه محمود قريشي فواد چوڌري، حبا فواد، خرم لطيف کوسه، چوڌري  پرويز الاهي ۽ صنم جاويد کي به چونڊن جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايپليٽ ٽربيونل جي فيصلن کي برقرار رکيو. پشاور هاءِ ڪورٽ شهرام ترڪئي ۽ عاطف خان جا نامزدگي ڪاغذ صحيح قرار ڏنا. جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي لارجر بينچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ذوالفي بخاري کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اين اي 130 تان پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ڊاڪٽر ياسمين راشد کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏيندي نامزدگي ڪاغذن تي ايپليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي عدالت سڳوري مسلم ليگ(ن) جي بلال ياسين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ئي 3 رڪني بينچ زلفي بخاري کي به چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

Leave A Comment