عمران خان اچڪزئي جي حڪومت سان ڳالهين جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ڪي پي حڪومت کي احتجاج جي تياري جو حڪم

عمران خان اچڪزئي جي حڪومت سان ڳالهين جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ڪي پي حڪومت کي احتجاج جي تياري جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي اپيل رد ڪندي ڪي پي جي وڏي وزير کي احتجاجي تحريڪ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽن موجب سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل تازي بيان ۾ عمران خان محمود خان اچڪزئي طرفان ڳالهين جي اپيل کي رد ڪيو ويو آهي انهي سان گڏ ئي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات به واضح ڪيو آهي ته احتجاجي تحريڪ بابت عمران خان جي هدايت ئي حتمي هوندي ۽ انهي تي عمل ڪيو ويندو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعن، عمران خان ۽ پارٽي جي سوشل ميڊيا تي فوج مخالف مهم تي معافي يا معذرت کان سواءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ممڪن نه آهن. انهي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو ته احتجاجي تحريڪ جي پاليسي سڌو سنئون پارٽي قائد عمران خان طرفان آئي آهي انهي ڪري اهائي لاڳو ٿيندي. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي ڳالهين سميت پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکي سگهي ٿو پر پي ٽي آءِ قيادت عمران خان جي تازين هدايتن جي پابند آهي. شيخ وقاص اڪرم موجب عمران خان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي هدايت ڏني آهي ته هو قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ احتجاجي تحريڪ جي تياري ڪري.
 

اسلام آباد(بيورو رپورث) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته بيرسٽر گوهر کيس گهڻو اڳ ٻڌائي ڇڏيو هو ته ٻيا به ٻه ڪيس آهن، جن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي ويندي۔ هن چيو ته هاڻي عدالتن جي حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو سڀني کي اڳواٽ خبر هوندي آهي ته بريت نه پر سزا ملڻي آهي۔ جنهن طريقي سان عدالتن کي تابع بڻايو ويو، انتظاميه جي پابند ڪيو ويو ۽ جيئن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جهانگيري صاحب سان جيڪو ڪيو ويو، تنهن کان پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هاڻي ڪهڙي عدالت انصاف ڪري سگهي ٿي؟
 

راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشه خانه ڪيس تي 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، مريم نواز جيڪا گاڏي توشه خانه مان ورتي هئي انهي جو هو جواب نه ڏئي سگهي هئي انهي جو ڇا ٿيو؟ قانون کي مذاق بنايو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي جي ٻاهران پنهنجي وڪيل فيصل ملڪ سان صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته  عمران خان گذريل سال 22 نومبر تي پرامن احتجاج جو سڏ ڏنو هو. منهنجي مٿان الزام آهي ته مون باني جو پيغام عوام تائين پهچايو. اسان جي خلاف پوليس وارن کي آڻي شاهدي لاءِ بيهاريو ويندو آهي، اسان جي خلاف ڪوڙي شاهدي ڏيندڙن کي به سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان مان انصاف هاڻ ختم ٿي چڪو آهي. عدليه ۾ سٺا ججز به آهن پر انهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته باني هميشه رول آف لا جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪو جج رول آف لا جي ڳالهه ڪري ٿو انهي کي دٻايو ويندو آهي، حقيقت سڀني کي خبر آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، باني ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس بوگس ڪيس آهي، توشه خانه ڪيس ۾ الزام اهو آهي ته هار جي قيمت گهٽ لڳرائي وئي ۽ قيمت گهٽ لڳائڻ تي 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عليمه خان چيو ته باني ٻه ڏينهن اڳ به پيغام اماڻيو هو ته قوم لاءِ شهادت قبول ڪنداسين، باني کي ملڪ کان وڃڻ جون آڇو به اينديون رهيون. هن چيو ته جيڪي ججز غلط سزائون ڏئي رهيا آهن اهي جهاز ۾  چڙهي ملڪ کان ٻاهر هليا ويندا آهن اسان انهن ججز جا نالا ياد رکنداسين. عليمه خان چيو ته اي ٽي سي جا جج به لڳي ٿو ته ڪنهن پلان تحت هلي رهيا آهن، مون باني جو پيغام ميڊيا کي ڏنو هو. اسان ميڊيا جي ماڻهن کي پنهنجي شاهد طور تي پيش ڪنداسين، باني کي اسان 11 ڪتاب اماڻيا هئا. جج صاحب چيو ته 9 ڪتاب اسان کي ملي چڪا آهن. عليمه خان چيو ته باني اسٽريٽ موومينٽ لاءِ ڪي پي ليڊر شپ کي پيغام اماڻيو آهي. تحريڪ تحفظ آئين جي ڪانفرنس جي پڌرائي جي باري ۾ مون کي خبر نه آهي. پي ٽي آءِ باني 90 سيڪڙو ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته ڳالهيون ڪيون وڃن اهي باني جي موقف سان گڏ نه آهن. جيڪي پارٽي اڳواڻ ڳالهين جون ڳالهيون ڪندا آهن اهي پي ٽي آءِ باني سان گڏ نه آهن.