عمران بهتر سهولتن واري هاءِ سيڪيورٽي سيل منتقل: تهجد نماز به پڙهي

آگسٽ 7, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل جي بهتر سهولتن واري هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر 2 ۾ منتقل ڪيو ويو، پي ٽي آءِ  اڊيالا جيل منتقلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ملڻ بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو کيس سي ڪلاس ڏنو ويو هو جٿي سهولتن جي خبرن اچڻ بعد هاڻ عمران خان کي اٽڪ جيل جي ئي بهتر سهولتن واري هاءِ سيڪيورٽي سيل نمبر 2 ۾ منتقل ڪيو ويو آهي

سيل نمبر 2 جو ڪمرو سيل نمبر هڪ جي ڪمري کان وڏو آهي جٿي کيس ڪرسي، ميز ، کٽ ۽ گدي جي سهولت پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، سيل نمبر 2 جي نگراني لاءِ ڳجهون ڪيمرائون پڻ لڳل آهن جڏهن ته جيل سپرنٽنڊنت جي اجازت بنا ڪنهن به جيل آفيسر کي اتي وڃڻ جي اجازت نه هوندي

طبي معائني لاءِ ٽن شفٽن ۾ ميڊيڪل آفيسر جي سهولت پڻ ڏني وئي آهي ميڊيڪل آفيسر 24 ڪلاڪ مقرر رهندو  ۽ ضرورت پوڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي طبي امداد فراهم ڪندو، ميڊيڪل ٽيم ٽن شفٽن ۾ 8-8 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندي

ٻئي طرف عمران خان جيل جي ٻي رات سڪون سان گذاري تهجد جي نماز پڻ ادا ڪئي ۽ فجر جي نماز پڙهڻ بعد آرام ڪيو

ٻئي طرف  پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اٽڪ جيل ۾ حراست کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي

درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ڊاڪٽر فيصل سلطان کي پي ٽي آءِ چيئرمين جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجي فيملي ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي

Leave A Comment