عمران خان ته ڇڏيو خاندان به ڪرپشن ۾ ٻڏل؟

جُون 11, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي فيملي جو هڪ ٻيو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم  جي ڀيڻ  ۽ ڀيڻوويي خلاف  جعلسازي  ذريعي اربين رپين  جي زمين خريد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو

اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب جعلسازي ذريعي خريد ڪيل زمين جي ماليت 6 ارب رپين کان وڌيڪ  آهي، ڊاڪٽر عظميٰ خان اربين رپين جي زمين جعلسازي ذريعي 13 ڪروڙ رپين ۾خريد ڪئي

 ان کان سواءِ ليه ضلعي  ۾2561 ڪنال ايراضي زمين غير قانوني طور تي خريد ڪرڻ جو الزام آهي، ترجمان موجب غيرقانوني طريقي سان خريد ڪيل زمين ڊاڪٽر عظميٰ پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس احد جي نالي ڪئي

Leave A Comment