عمران خان تي ڪنهن قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو: راڻا ثناءُالله
مَي 9, 2023
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جو چوڻ آهي ته عمران خان تي ڪنهن قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن هو جاچ ۾ شامل ٿي وڃي ها ته ريفرنس بنا گرفتاري جي هلي پئي سگهيو.
عمران خان جي گرفتاري بابت بيان ڏيندي راڻا ثناءُاله جو چوڻ هو ته نوٽيسز باوجود عمران خان پيس نه ٿيو، قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ تي نيب طرفان گرفتاري ڪئي وئي آهي، مٿس ڪو تشدد ناهي ڪيوويو.