عمران خان جاچ ۾ رڪاوٽ وجهي ته نيب ضمانت رد ڪرائي سگهي ٿي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو جاري

مَي 13, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ القادر ڪرپشن ڪيس ۾ لکت وارو فيصلو جاري ڪري عمران خان کي ضرورت پوڻ تي نيب آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جو چوڻ آهي ته عمران خان جاچ عمل ۾ رنڊڪ وجهي ته نيب ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل جو موقف جارحاڻو آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 245 لاڳو آهي ان ڪري عمران خان کي رليف نه ٿو ملي سگهي، اهڙي موقف جو مطلب اهي بنيادي حق کسڻ آهي جيڪي جمهوري ۽ اسلامي رياست جو بنياد آهن، واڳيل فورم احتساب عدالت هجڻ وارو اعتراض درست نه آهي، عمران خان کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، هاءِ ڪورٽ ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر تحت به ڪيس ٻڌڻ جو اختيار رکي ٿي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر کي جڏهن به ضرورت پوي ته عمران خان سندس آڏو پيش ٿئي جيڪڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين جاچ ۾ رڪاوٽ وجهي ته نيب سندس ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿي.

Leave A Comment