اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ عابد شير علي چيو آهي ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ مزا ڪري رهيو آهي، کيس سبي جيل ۾ ڦٽو ڪيو وڃي هٿڪڙيون لڳائي اٽڪ قلعي جي چوديواري ۾ رکيو وڃي جيئن نواز شريف کي مهينن تائين رکيو ويو ته کيس خبر پوي ته جيل ڇا ٿيندي آهي. اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته ڀارت ۾ عورت جو نقاب لاهڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات لاءِ رات جي اونداهي ۾ احتجاج ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڏوهارين سان ڏينهن جو ملاقات ڪئي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رات جي اونداهي ۾ ڪو واقعو ٿئي ته ان کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ذميوار ڪير آهي؟