عمران خان 900 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب آڏو پيش نه ٿيو: زمان پارڪ ٻاهران پوليس جي ڳجهي نگراني

مَي 18, 2023

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان گهر واريءَ سميت طلبي باوجود نيب راولپنڊي آڏو پيش نه ٿيو، نيشنل ڪرائيم ايجنسي برطانيا کان وصول ڪيل 190 ملين پائونڊ  ڪيس ۾ نيب  راولپنڊيءَ اڄ صبح 10 وڳي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي طلب  ڪيو هو،

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيلن عمران خان کي نيب آڏو ذاتي حيثيت ۾ پيش  نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو، عمران خان کي وڪيلن جي ذريعي نيب کي 20 نقطن تي ٻڌل جواب ۽ دستاويز فراهم ڪرڻ جو مشورو، نيب گذريل ڏينهن ٽن صفحن تي ٻڌل نوٽيس عمران خان جي زمان پارڪ واري رهائش گاهه تي پهچايو هو،

هي به پڙهندا :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهه محمود کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لکت ۾ بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت

نوٽيس ۾ عمران خان کي اڄ صبح 10 وڳي راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، نوٽيس ۾ چيو ويو هو ته عمران خان جي غيرحاضريءَ تي قانوني ڪارروائي ٿيندي

Leave A Comment