| عمران خان جيل ۾ آهي، نظرانداز ڪيو ته قائد معاف نه ڪندو: سهيل آفريدي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي پي جو وڏو وزير سھيل آفريدي ڪالھ ھڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پھتو . جتي ڪالھ ھن سھراب ڳوٺ پھچي حادثي ۾ فوت ٿيل بلاول محسود جي گھر پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي۔ ۔ جنهن ڀعد ڳالهائيندي ھن چيو ته ٻلاول محسوف جي گھر ڀاتين ۽ پي ٽي آء جي ڪارڪنن دان تعزيت لاء آيو آھيان ـ اسانجو نظرياتي رشتو شاٿي جنهن خيبر کي ڪراچي ۽ ڪرسچي کي ڪوئيٽا سان جوڙي رکيو آھي پي ٽي آء واحد جماعت آھي جنهن جا ھر ھنڌ ڪارڪن آھن ـ عمران خان جي نظرئي ھيٺ سڀ گڏ آھيون بلال محسود جي تڪليف مونکي خبير ۾ محسوس ٿي ۽ خيبر تي ڪجهه ٿيندو ته تڪليف ڪراچي ۾ محسوس ٿيندي۔ ڪارڪن عمران خان جي ترجيح آھن انھن جو خيال پنهنجي ٻچن ۽ ڀائرن جيان خيال رکڻو پوندو. اڄ اھو جيل ۾ آھي ۽ جيڪڏهن اسان نظرانداز ڪيو ته نه ھي قوم معاف ڪندي نه ئي اسانجو قائد معاف ڪندو . جيستائين ھڪ به نظرياتي ڪارڪن زندا آھي. ھي تحريڪ اڳتي وڌندي۔ ھن چيو ته ھر ڪارڪن کي يقين ٿو ڏيارين ته ھر خوشي ۾ الله ڪري غم گھٽجن ڪارڪنن سان گڏ آھيون۔ آئين ۽ قانون جي ڀالادستي۔ عدليا جي آزادي لاء حقيقي آزادي جي جدوجهد انشاء الله ڪامياب ٿيندي۔ بعد ۾ وڏو وزير پي ٽي آء سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي گھر پھتو ـ جتي ھن مانجھاندو ڪيو ـ ڪجهه ذاتي سرگرمين بعد ڪي پي جو وڏو وزير رات واپس روانو ٿي ويو.