عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 2 هفتن لاءِ ضمانت منظور: 17 مئي تائين کيس ٻئي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

مَي 12, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ ٻن هفتن تائين ضمانت منظور ٿي وئي، عدالت کيس 17 مئي تائين ٻئي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل 2 رڪني خاص ڊويزنل بينچ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي فيصلو ٻڌايو، عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ٻڌي ضمانت منظور يا خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته عمران خان 9 مئي تي ضمانت لاءِ بايو ميٽرڪ تصديق ڪرائي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري جا وارنٽ غير موجودگي تي جاري ڪري سگهجن ٿا، ميڊيا ذريعي خبر پئي ته نيب انڪوائري کي اوچتو انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اسان نيب جي نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ اهو سمجهيو ته معاملو ختم ٿي ويو، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ انڪوائري رپورٽ ۽ سببن کان آگاهه ڪيو ويو، ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته عمران خان ٽرائل ڪورٽ سان رجوع ڇو نه ٿو ڪري، جهڙي ريت پرتشدد واقعا پيش آيا انهن تي فوج کي ئي طلب ٿيڻو هو، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڇا هتي مارشل لا لڳي وئي آهي جو اسان ڪيسن جون ٻڌڻيون روڪي ڇڏيون؟ عدالت پاران نيب جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچڻ جي هدايت، ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين ٻيهر گرفتار ڪرڻ جي خدشي سبب عدالت آڏو هڪ ٻي درخواست پڻ جمع ڪرائي جنهن تي عدالت کيس 17 مئي تائين ٻئي ڪنهن به کيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Leave A Comment