عمران خان جي اک جو ٽيون پروسيز به مڪمل: ميڊيڪل بورڊ نظر تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ بانيءَ جو پمز اسپتال ۾ معائنو، ميڊيڪل بورڊ بينائي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏي، پي ٽي آءِ بانيءَ جي اک جو پمز اسپتال ۾ ٽيون پروسيس مڪمل ڪيو ويو، پمز انتظاميا موجب پي ٽي آءِ باني کي سندس رضامنديءَ سان پمز اسپتال آندو ويو، جتي کيس ٽئين ائنٽي وي اي جي ايف  انجيڪشن لڳائي وئي، پي ٽي آءِ بانيءَ کي انجيڪشن سندس رضامنديءَ سان لڳائي وئي، آپريشن ٿئٽر ۾ احتياطي تدبيرن ۽ پروٽوڪولز تي عمل ڪيو ويو، معائني بعد ميڊيڪل بورڊ بانيءَ جي بينائي کي تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، پمز انتظاميا موجب بانيءَ کي انجيڪشن لڳائڻ بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني کي 24 فئبروريءَ تي به اڊياله جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي اکين جي معائني بعد کيس انجيڪشن جي ٻي خوراڪ ڏني وئي هئي