عمران خان جي صحت بابت خدشا ۽ حڪومتي ھٺ ڌرمي….ايم بي سومرو

                 هڪ ڀيرو وري عمران خان جي صحت جي خرابي جون خبرون سامهون اچي رهيون آھن. عمران خان سان ملاقاتن تي بندش, ڪي پي ڪي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ اختلاف به ميڊيا جي زينت بڻجي رهيا آھن. ائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ٿيڻ بعد مخالف ڌر جا اڳواڻ نه رڳو سخت موقف اختيار ڪري رهيا آھن پر انهن مان قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي حڪومت خلاف 8 جنوري تي وڏي احتجاج سوڌو ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. محمود خان اچڪزئي تحريڪ تحفظ آئين جي سربراھ طور اهڙيون ڪوششون ڪري رهيو آھي. ڏسجي ته 8 فيبروري تي اپوزيشن جون پارٽيون حڪومت خلاف احتجاجي حڪمت عملي کي ڪيترو ڪامياب ڪرائي سگهن ٿيون پر هن وقت عمران خان جي صحت، ملاقاتن تي پابنديءَ وارا مامرا مخالف ڌر، خاص طور تي پي ٽي آءِ لاءِ اهم آھن.   عمران خان جي صحت، حڪومتي روَيي ۽ اڊيالا جيل انتظاميا جي ضد بابت پاڪستان تحريڪ انصاف رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته، “اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ساڄي اک ۾ سي آر وي او (Central Retinal Vein Occlusion) جي تشخيص ٿي آهي، جنهن سبب اک جي وين ۾ خطرناڪ بلاڪيڄ پيدا ٿي چڪي آهي”۔ پي ٽي آءِ مطابق, “هي انتهائي حساس ۽ سنگين طبي مسئلو آهي، جنهن جو وقت سر ۽ مناسب علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ مستقل طور تي نظر متاثر ٿيڻ جو شديد خطرو آهي۔ جيل انتظاميا ان ڳالهه تي بضد آهي ته عمران خان جو علاج جيل اندر ئي ڪيو وڃي، جڏهن ته معالج ڊاڪٽر واضح طور تي چئي چڪا آهن ته اهڙو علاج جيل ۾ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ آپريشن ٿيٽر ۽ خاص طبي سهولتون ضروري آهن۔ عمران خان کي آخري ڀيرو پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر تائين رسائي آڪٽوبر 2024ع ۾ ڏني وئي هئي، ان کان پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود اڄ تائين ذاتي ڊاڪٽر کي معائني جي اجازت ناهي ڏني وئي۔ هي هڪ بیگناہ قيديءَ سان بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي”. ترجمان تحريڪ انصاف چيو آهي ته، “عمران خان جي باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ بابت داخل ڪيل درخواست آگسٽ 2025ع کان عدالت ۾ التوا هيٺ آهي، جنهن کي ڄاڻي واڻي نٿو ٻڌو وڃي۔ حڪومت جو هي رويو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سياسي انتقام جي باهه ۾ هڪ قيديءَ جي جان ۽ صحت سان کيڏيو پيو وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو حڪومت کان مطالبو آهي ته عمران خان کي بنا ڪنهن دير جي پنهنجي فيملي ۽ ساٿين سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، ۽ عمران خان کي فوري طور شوڪت خانم اسپتال يا پنهنجي پسند جي ڪنهن به سال واري اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جتي مڪمل سهولتن ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ علاج ممڪن هجي۔ عدليہ کی به پرزور اپيل آهي ته هي معاملو سياست جو نه پر صحت جو آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ناقابل قبول هوندي. جيڪڏهن خدا نه ڪري عمران خان جي نظر کي ڪو به مستقل نقصان پهتو ته ان جي سموري ذميواري سڌي طرح حڪومت ۽ جيل انتظاميا تي عائد ٿيندي، جيڪي عدالتي حڪمن جي باوجود علاج ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن”۔

پي ٽي آءِ جون عمران خان جي صحت بابت مطالبن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ڇو ته علاج ھر قيدي جو بنيادي حق آھي. عمران خان ملڪ جو اڳوڻو وزير اعظم, ڪرڪيٽ هيرو, ملڪ ۾ مقبول  سياسي ليڊر آھي. موجوده حڪمران جماعت مسلم ليگ ن جو سربراه ميان نواز شريف پي ٽي آءِ حڪومت ۾ جيل دوران بيمار ٿيو هو. کيس عمران خان جي حڪومت عدالت ذريعي لنڊن مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني هئي. ان جي پردي پويان ڪي ٻيا به ڪردار ٿي سگهن ٿا پر اجازت پي ٽي آءِ جي حڪومت ڏني هئي. ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي. ميان نواز شريف پاڻ جيلن ۾ رهي چڪو آھي. آصف زرداري ته سڀ کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو آھي. اگر اهي ڪردار ادا ڪن ته عمران خان کي پرڏيھ نه ئي سھي، گهٽ ۾ گهٽ ملڪ اندر شوڪت خانم اسپتال يا ٻئي ڪنهن اهم اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي سهولت ملي سگهي ٿي. اگر واقعي عمران خان جي اک جو مسئلو سنگين آھي ته پوء ان جي علاج ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. دير معاملو خراب ڪري سگهي ٿي.

ڳالھ عمران خان جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌايان ته عمران خان سان ملاقاتن جي بندش به پي ٽي آءِ لاءِ اهم مسئلو بڻيل آھي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان سان سندس ڀينرن جي ملاقات ۾  لڳاتار، ڄاڻي واڻي ۽ غير آئيني پابندين جي  مذمت ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀينرن، خاص طور تي عليمه خان ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين جي عمران خان سان ملاقات جي آئيني، قانوني ۽ بنيادي انساني حق کان مسلسل محروم رکڻ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جيڪا آئين، عدالتي حڪمن ۽ قانون جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙو رويو خانداني رشتن جي حرمت، انساني قدرن ۽ اسلامي ۽ اخلاقي اصولن جي توهين برابر آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو چوڻ آهي ته عمران خان جون ڀينرون پرامن ۽ آئيني طريقي سان ملاقات لاءِ پهتيون ته نه رڳو انهن کي اهو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، پر واپسي دوران کين غير قانوني طور ناحق بند ۾ رکيو ويو. پڌرائي مطابق هر عمل رياستي طاقت جي وحشياڻي ۽ ناجائز استعمال جي هڪ ٻيو واضح مثال آهي، جنهن جو مقصد شهرين کي ڊيڄارڻ ۽ سياسي انتقام کي وڌيڪ تيز ڪرڻ آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين کي بنيادي حقن کان محروم رکڻ، پرامن نقل و حرڪت تي پابنديون لڳائڻ ۽ عورتن سان اهڙو رويو ڪنهن به مهذب، آئيني ۽ جمهوري معاشري ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته عمران خان سان ان جي خاندان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي هڪ ملاقات جو آئيني حق فوري طور فراهم ڪيو وڃي. پرامن اجتماع ۽ آزاد نقل و حرڪت جي بنيادي حقن جو مڪمل احترام يقيني بڻايو وڃي. حبسِ بيجا ۽ آئين جي خلاف ورزي ۾ ملوث سمورن آفيسرن ۽ ذميوار ادارن خلاف فوري ۽ اثرائتي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. عمران خان سان جيل مينوئل مطابق ملاقاتن جي اجازت ڏيڻ گهرجي. باقي اها به حقيقت آھي ته جيتري تعداد ۾ عمران خان سان اڳواڻ ملاقاتون ڪندا رهيا آھن، اهڙو حق ماضي ۾ شايد ئي ڪنهن سياسي اڳواڻ کي قيد دوران مليو هجي. بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب “ڊاٽر آف دي ايسٽ” ۾ لکيو آھي ته، ذوالفقار علي ڀٽي جي گرفتاري بعد محترمه نصرت ڀٽو, محترمه بينظير ڀٽو کي سهالا پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ نظربند رکيو ويو هو. نصرت ڀٽو کي هفتي ۾ هڪ ڀيرو سومر ڏينهن ۽ محترمه بينظير کي هر هفتي خميس ڏينهن ملاقات ڪرائي ويندي هئي. اهو حوالو ڏيڻ جو مقصد اهو هرگز نه آھي ته ضياءُ جي مارشلا ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو، اهو هن وقت به ڪيو وڃي پر اهو حوالو ڏيڻ جو مقصد انهن ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ آھي، جيڪي چئي رهيا آھن ته جيڪو ڪجھ عمران خان سان ٿي رهيو آھي، ائين تاريخ ۾ ڪڏهن نه ٿيو آھي. کين معلوم هجڻ گهرجي ته ماضي ۾ سياسي انتقام ان کان به سخت رهيا آھن.

وادي تيراہ بابت پي ٽي آءِ اهو موقف ڏئي رهي آھي ته اتان آپريشن ڪري لڏ پلاڻ ٿي رهي آھي، جڏهن ته وفاقي حڪومت، خاص طور تي بچاءُ جو وفاقي وزير خواجه آصف چئي رهيو آھي ته هن سيزن ۾ برفباري سبب اتي لڏپلاڻ ٿيندي آھي. باقي پي ٽي آءِ ۽ ڪي پي ڪي حڪومت آپريشن جي مخالفت ڪندي رهي آھي پر وفاقي حڪومت دهشتگردن خلاف ٽارگيٽ  آپريشن هر حال ۾ ڪندي. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي دهشتگردي خلاف آپريشن بابت اختلاف ٿيڻ نه گهرجي پر اختلاف ٿي رهيا آھن، جنهن جو دهشتگردن کي فائدو ٿي سگهي ٿو. ڪي پي ڪي حڪومت لاء وفاقي وزير اها دعوا ڪري ڇڪا آھن ته صوبائي وزير ٽي ٽي پي کي پيسا ڏئي رهيا آھن. ان مامري تي اختلاف گهڻو وقت هلڻ نه گهرجن. ٻئي صورت ۾ اهو مامرو خرابي طرف وڃي سگهي ٿو ۽ مامرو صوبي ۾ گورنر راڄ طرف به وڃي سگهي ٿو.