اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ گهرواري بشريٰ بي بي سوڌو احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو آهي
احتساب عدالت عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي
ڪيس جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪري رهيو آهي
عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي
جج محمد بشير بشريٰ بي بي کي چيو ته بس حاضري ٿي وئي اوهان عمران خان سان گڏ ئي ويٺا رهو
5لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي
بشريٰ بي بي جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪندي چيو ته بشريٰ بي بي کي ڪو به نوٽيس وصول ناهي ٿيو
عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت 31مئي تائين منظور ڪري ورتي آهي