اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتاري کان بچي وئي، ضمانت منظور ٿي وئي
القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي 4 جولاءِ تائين عبوري ضمانت منظور ڪئي وئي آهي
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهر واري عدالت آڏو پيش ٿيا
عدالت بشريٰ بي بي جي 5 لک روپين جي مچلڪن عيوض گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت منظور ڪئي