عمران خان جي 3 ۽ شاهه محمود قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور

ڊسمبر 11, 2023

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني جي 3 ڪيسن ۾ ۽ شاهه محمود قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ٻڌڻي هلائيندي ضمانتن جي منظوري ڏني، پراسيڪيوٽر راجا نويد موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني عوام کي مڇرايو ۽ چڙ ڏيارڻ جهڙي صورتحال پيدا ڪئي، باني پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون خارج ڪيون وڃن، جج سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي واقعي واري هنڌ موجود هئا؟ پراسيڪيوٽر جواب ۾ چيو ته ٻئي اڳواڻ واقعي واري هنڌ موجود نه هئا، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون

Leave A Comment