| عمران خان خلاف اڄ سينيٽ ۾ استحقاق واري رٿ جمع ٿيڻ جو امڪان |
اسلام آباد (م ڊ) سيينٽ ۾ اڄ عمران خلاف استحقاق جي رٿ پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. ان سلسلي ۾ ناليواري صحافي حامد مير جو چوڻ آهي ته سينيٽر مشال تي الزام هنيو ويو آهي ته هن 32 ڪروڙ رپيا ڏئي سينيٽ جي ٽڪيٽ ورتي ۽ ڪاميابي ماڻي. ان باري ۾ استحقاق مجروح ٿيڻ تي سينيٽ ۾ استحقاق واري اڄ جمع ڪرائي ويندي. ان باري ۾ ن ليگ جي سينيٽر طاهر خليل سنڌو چيو ته ايم ڪيو ايم جي سينيٽر اها رٿ پيش ڪندي پنهنجي ڀيڻ سان ملاقات ۾ عمران خان ۾ رڳو اين ڊي يو ۾ ويل سينيٽرن بابت پڇيو ۽ اهو چيو ته جنرل عاصم خلاف ڳالهايو. هن چيو ته 28هين آئيني ترميم اچي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي ايڊووڪيٽ شفقت عباس اعوان چيو ته مشال 32 ڪروڙ رپيا ڏئي سينيٽر ٿي آهي عمران هن کان وضاحت طلب ڪندو نه ڏنائين ته ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اسان مشال کان استعيفيٰ نه ٿا وٺي سگهون.