عمران خان خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان

مَي 31, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) عمران خان گرفتاري کان اڳ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي رٿابندي ڪري ڇڏي هئي حڪومت عمران خان خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ ثبوت موجود آهن عمران خان خلاف 9 مئي واقعن جو ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايو ويندو

هي به پڙهندا

وفاقي گهرو وزير چيو ته سڄي فساد جو تخيلق ڪار عمران خان پاڻ آهي، عمران خان گرفتاري کان اڳ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي رٿابندي ڪري ڇڏي هئي، اهي دعوائون ثابت ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ثبوت به موجود آهن

Leave A Comment