عمران خان زمان پارڪ لاهور پهچي ويو، ڪارڪنن پاران زبردست آجيان: گرفتار اڳواڻن جي آزادي لاءِ قانوني ماهرن جي ٽيم مشاورت لاءِ طلب

مَي 13, 2023

لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور پهچي ويو آهي، اڄ قانوني ماهرن سان مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان رات دير سان پنهنجي رهائش گاهه زمان پارڪ لاهور پهتو ته ڪارڪنن سندس زبردست آجيان ڪئي ان موقعي تي مٿس گل پڻ نڇاور ڪيا ويا جڏهن ته عمران خان گهر پهچڻ بعد پنهنجي ڀينرن سان پڻ ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ ٻين گرفتار ڪيل اڳواڻن جي آزادي لاءِ اڄ پنهنجي قانوني ٽيم کي پڻ مشاورت لاءِ گهرائي ورتو آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي ۽ کيس ٻئي ڪنهن به ڪيس ۾ سومر تائين گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو،

 

عمران خان ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي 4 ڪلاڪن بعد بُلٽ پروف گاڏي ۾ روانو ٿيو هو، پوليس جي وڏي نفري ۽ نجي سيڪيورٽي گارڊز عمران خان جي قافلي ۾ موجود هئي، ان موقعي تي عمران خان چيو هو ته پوليس مختلف بهانن سان 4 ڪلاڪن تائين عدالت مان نڪرڻ نه ڏنو، ضمانتون ملڻ باوجود مون کي بنا جواز مغوي بڻايو ويو، پوليس مختلف بهانا ڪري مونکي عدالت ۾ روڪيو، عمران خان سان ملاقات دوران آءِ جي اسلام آباد چيو ته توهان کي سيڪيورٽي خدشن سبب اسلام آباد جي ڪنهن جاءِ تي رکيو ويندو، سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ بعد توهان کي لاهور روانو ڪيو ويندو، عمران خان چيو ته آئون گهر ويندس، ٻيو ڪيڏانهن به نه ويندس، عمران خان اسلام آباد پوليس جي سيڪيورٽي ۾ لاهور پهچندو.

Leave A Comment