عمران خان شيرافضل مروت کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي
فيبروري 13, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ ايم اين اي شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف پارٽي ذريعن موجب باني تحريڪ انصاف اڳواڻن کي شير افضل مروت کي پارٽي مان ڪڍڻ جي هدايت ڏني آهي. پارٽي اڳواڻ جلد شير افضل مروت جي بنيادي رڪنيت معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندا. ذريعن موجب بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ ي شير افضل مروت کان بطور قومي اسيمبلي جي ميمبر تان استعيفيٰ گهري ويندي. شير افصل مرورت جي صوابي جلسي ۾ ڪردار تي پارٽي اڳواڻن باني تحريڪ انصاف کي شڪايت ڪئي هئي.