عمران خان عدالتن جو لاڏلو قرار: نواز شريف تي ڪيس ڪوڙا هئا، ڪابه فيور نه پيا ڏيون: وفاقي سرڪار

نومبر 25, 2023

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان عدالتن جو لاڏلو قرار  ڏئي ڇڏيو آهي. نگران وفاقي گھرو وزير سرفراز بگٽي پي ٽي آءِ چيئرمين کي عدليا جو لاڏلو قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي جيل ۾ ڏنل سهولتن جو عام شهري تصور نٿو ڪري سگھي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ سرفراز بگٽي جو چوڻ هو عمران خان کي جيل ۾ ڏنل سهولتن جو عام شهري تصور نٿو ڪري سگھي، عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ 28 نومبر تي پيشي جي حوالي سان عدالت جي حڪم کي جيئن جو تيئن تلسيم ڪنداسين. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ نواز شريف تي جيڪي ڪيسز ٺهيا اهي گھڻو ڪري بنياد هئا ۽ تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هوندو جو پٽ کان پگھار نه وٺڻ جي ڏوهه ۾ ڪو نااهل ٿيو هجي. سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته نگران حڪومت طرفان ن ليگ کي ڪا به فيور نه پئي ڏني وڃي، حڪومت لاءِ نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري هڪ جهڙا ۽ احترام جوڳا آهن جڏهن ته چونڊن بابت گھرو وزارت اليڪشن ڪميشن کي هر قسم جي سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. سندس چوڻ هو ته هيل تائين تقريبن 3 لک غير قانوني پرڏيهي واپس پنهنجي ملڪ موٽي چڪا آهن، اهو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿي ويندو، واپس ويندڙن ۾ 99 سيڪڙو کان وڌيڪ انگ افغان پناهگيرن جو آهي.  سرفراز بگٽي چيو ته گم ٿيلن جي معاملي تي عدالت جو نگران وزيراعظم کي گھرائڻ مناسب عمل ناهي، پاڪستان ۾ گم ٿيلن جو انگ خطي ۾ سڀ کان گھٽ آهي ۽ گم ٿيلن جو معاملو ملڪ جي خلاف پروپيگينڊا جو هٿيار بڻجي چڪو آهي، جيترن گم ٿيلن جي لسٽ ڏني وئي انهن مان 78 سيڪڙو ڪيس حل ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ افسوسناڪ واقعن ۾ “را” جو ڪردار رهندو آهي، ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن ته پاڪستان فالٽ لائنز ۾ ملڪ مخالف ايجنسيون سدائين اضافو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن جڏهن ته گلگت بلتستان، جڙانوالا ۽ ٻين هنڌن تي سازش جي لنڪ ڪنهن ٻئي هنڌ سان ملي ٿي، اسان بدقسمت ماڻهو آهيون جو ان جي وڪڙ ۾ اچي ويندا آهيون.

Leave A Comment