عمران لاءِ وڌيڪ ڏکيا ڏينهن: جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد: گرفتاري جو امڪان

جُولاءِ 6, 2023

اسلام آباد (م ڊ)راولپنڊي پوليس  پي ٽي آءِ چيئرمين کي جي ايچ ڪيو ۽ حمزا ڪيمپ(اوجڙي ڪيمپ) حملن واري ڪيس سميت 9 مئي جي مختلف واقعن جي ڪيسن ۾ نامزد ڪري ڇڏيو آهي

 ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي 9 مئي واقعن جي جوابدارن جي بيانن جي روشني ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان حوالي سان گڏيل جاچ ٽيم کي جاچ جو پڻ حڪم ڏنو ويو آهي

 پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف فيصل آباد، راولپنڊي ۾ ٻه ٻه ۽  گجرانوالا ۽ ميانوالي ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو، مٿس 9 مئي حملن جا 3 ۽ 10 مئي جا به 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن جا فريادي پوليس اهلڪار آهن

 آر اي بازار ٿاڻي راولپنڊي تي جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ راجا بشارت سميت 15 ڄڻا اڳ ئي نامزد آهن

واضح رهي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران ڪارڪنن جي ايڇ ڪيو جي مرڪزي دروازي اڳيان ٽوڙ ڦوڙ ڪئي هئي جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي اوجڙي ڪيمپ واري هنڌ تي قائم حمزا ڪيمپ تي پڻ حملو ڪيو ويو هو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اهم ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي نامزد ڪرڻ کان اڳ قانوني ماهرن سان مشاورت پڻ ڪئي وئي جنهن بعد کيس نامزد ڪري جي آءِ ٽي کي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي

ذريعن امڪان ظاهر ڪيو آهي ته جاچ جي سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار پڻ ڪيو ويندو

Leave A Comment