عمران خان لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واري ڪيس مان به بري

اپريل 2, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني عمران خان لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي وڌيڪ هڪ ڪيس مان بري ٿي ويو آهي

 اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ مارگلا ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ کيس آجو قرار ڏئي ڇڏيو، اسد عمر ۽ راجا خرم نواز به آجا قرار ڏنا ويا

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جاچ آفيسر پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف ڪوبه ثبوت پيش نه ڪيو، پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف عوام توڙي سرڪاري ملازمن کي ڀڙڪائڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ٿيو هو

Leave A Comment