عمران خان پاران سڀاڻي کان احتجاجي مظاهرا شروع ڪرڻ جو اعلان
مَي 17, 2023
لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ بدران سڀاڻي کان احتجاجي مظاهرا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پنهنجي وڊيو بيان ۾ عمران خان چيو ته پهرين مون اربعا کان جلسا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، عدالتن ۾ پيشين جي ڪري هاڻي خميس کان جلسا شروع ڪندس، مريد ڪي واري پهرين جلسي ۾ پلان ڏيندس ته ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪيئن ڪڍڻو آهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ الڳ قانون رکندڙ قومون ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگهنديون آهن.