اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي عورتن بابت پيغام شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ جعلي تصوير استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
غيرملڪي چينل جي تحقيق موجب ٽوئيٽ ۾ استعمال ڪيل تصوير آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ٺاهيل آهي اها تصوير ڪنهن ڪيمرا سان ناهي ورتي وئي عمران خان اها تصوير استعمال ڪندي عورتن کي حقيقي آزادي جو مظهر ۽ صنف آهن قرار ڏنو
غيرملڪي چينل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي حمايت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪگير مظاهرن جي تصوير طور آرٽيفيشل انٽيليجنس سان تيار ڪيل تصوير ۽ حقيقتن جي ابتڙ 2 وڊيوز پيش ڪري رهي آهي