عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ محمود اچڪزئي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو

مارچ 2, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جو باني چيئرمين عمران خان ماضي ۾ پنهنجي مختلف تقريرن ۾ محمود خان اچڪزئي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي

پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪونسل عمران خان جي هدايت تي پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي کي صدارتي چونڊ لاءِ پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي

عمران جي ماضي جو بيان ظاهر ڪري ٿو ته سياستدانن کي هڪ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڏيکارڻ نه گهرجي وقت تي سندن ضرورت پئجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ جو سياست ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي پنهنجي حريفن سان ملي ڪري گڏ هلڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي

Leave A Comment