عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي واري معاملي تي آءِ ايم ايف کي خط لکندو، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ناهي اتي عالمي ادارا ڪم نه ڪندا: پي ٽي آءِ

فيبروري 22, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي واري معاملي تي آءِ ايم ايف کي خط لکندو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي ظفر چيو ته آءِ ايم ايف ۽ ٻيا ان وقت قرض ڏيندا جڏهن ملڪ ۾ سٺي حڪمراني هوندي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ناهي اتي بين الاقوامي ادارا ڪم نه ڪندا

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو باني اڄ جيل مان آءِ ايم ايف کي هڪ خط لکي رهيو آهي جنهن ۾ ملڪ اندر تازو ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلي سميت پي ٽي آءِ خلاف ڪيل انتقامي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو ويندو

بئرسٽر علي ظفر چيو ته سڄي دنيا ڏٺو ته رات جي اونداهي ۾ ماڻهن جو ووٽ چوري ٿيو، جن به تڪن تي ڌانڌلي ٿي آهي انهن تڪن جي آڊٽ ڪرائي وڃي، آڊٽ ۾ عدليه جو به عمل دخل هجي، آڊٽ نه ٿي ٿئي ته آءِ ايم ايف جو قرض ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو

Leave A Comment