عمران القادر ٽرسٽ ڪييس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو، نيب پاران فنڊز جو رڪارڊ طلب

مَي 23, 2023

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب عمران خان خان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي عمران خان نيب راولپنڊي وٽ پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿي ويو

ذريعن موجب نيب پاران عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ 20 سوالن جا جواب پڇيا ويا آهن

ذريعن موجب نيب پاران برطانوي ڪرائم ايجنسي سان ٿيل لکپڙهه بابت سوال ڪيا ويا

نيب عمران خان کان 19ڪروڙ پائونڊ جي فريزنگ آرڊرز جو رڪارڊ گهري ورتو  آهي

عمران خان کان القادر يونيورسٽي کي  ملندڙ عطين جا سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن ۽ القادر يونيورسٽي جو پنجاب هايئر ايجوڪيشن سان الحاق جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي

نيب جي ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم عمران کي باضابطه طور جاچ ۾شامل ڪيو آهي ۽ 20سوالن جا جواب طلب ڪيا آهن نيب 19ڪروڙ پائونڊز جي فريزنگ آرڊرز جو رڪارڊ به طلب ڪيو

ذريعن موجب عمران خان ٻڌايو ته 190ملين پائونڊز بابت فيصلي جو رڪارڊ ڪابينا ڊويزن وٽ آهي، اين سي اي برطانيا جي رڪارڊ تائين منهنجي پهچ ناهي، القادر ٽرسٽ جو رڪارڊ به نيب کي پهريان ئي ملي چڪو آهي

نيب عمران خان کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان پاڻ القادر ٽرسٽ کي ڪيترا عطيا ڏنا آهن انهن جو رڪارڊ به ڏنو وڃي

Leave A Comment