عمران خان کان 9مئي واقعن جي جاچ شروع ٿي وئي

جُون 10, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وزير دفاع خواجه آصف انڪشاف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان 9مئي جي واقعن بابت پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي

پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته تربيت يافته دهشتگردن فوجي ملڪيتن تي حملا ڪيا، انهن وٽ هٿيار هئا، حملو ڪندڙن شهيدن جي يادگار کي نشانو بڻايو

هڪ سوال تي خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، وفاقي وزير ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا

Leave A Comment