عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ نااهل، 3 سال قيد:لاهور مان گرفتار

آگسٽ 5, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ 5 سال نااهل، 3 سال قيد ۽ 3 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي

جج همايون دلاور جي عدالت ۾ توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو وڪيل خواجا حارث به موجود هو

عدالت اڄ صبح ساڍي 8 وڳي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو پر 12 لڳي 35 منٽن تائين انتظار ڪرڻ بعد نه پيش ٿيڻ تي جج همايون دلاور ڪيس جو فيصلو ٻڌايو

ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشا خانه ڪيس جو  لکت ۾ تفصيلي فيصلو پڻ جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيلن طرفان درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ تي ڪي به دليل نه ڏنا ويا، 5 ۽ 8 جولاءِ تي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ جي درخواست تي ڏنل دليلن جي بنياد تي درخواست رد ڪجي ٿي

فيصلي موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف الزام ثابت ٿين ٿا، شڪايت ڪندڙ جوابدار خلاف شاهديون پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، پي ٽي آءِ جي چيئرمين 2018ع کان 2020ع دوران اثاثن جا ڪوڙا تفصيل جمع ڪرايا

فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين توشا خانه مان حاصل ڪيل تحفن جي ڄاڻ ۾ دوکي بازي کان ڪم ورتو، ڪنهن به شڪ کانسواءِ پي ٽي آءِ چيئرمين تي بي ايماني ثابت ٿي چڪي آهي، جوابدار کي اليڪشن ايڪٽ 174 تحت 3سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي، ڏنڊ نه ڏيڻ جي صورت ۾ عمران خان کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو

جج همايون دلاور اسلام آباد پوليس کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جو پڻ حڪم ڏنو پنهنجي حڪم ۾ عدالت آءِ جي  اسلام آباد کي هدايت ڪئي ته عمران خان جي گرفتاري کي ممڪن بڻايو وڃي

ان کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته جج همايون دلاور  پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ طرفان جيڪڏهن ڪو وڪيل آيو آهي ته پيش ٿئي جنهن تي خالد يوسف پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سينئر وڪيل خواجا حارث احتساب عدالت ۾ ويل آهي کيس اچڻ ۾ ڪجهه دير لڳندي جنهن تي جج همايون دلاور چيو ته عدالت ساڍي 12 وڳي پنهنجو فيصلو جاري ڪندي

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش ٿيو پر جج همايون دلاور پنهنجو فيصلو لکرايو ۽ پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو

ٻئي طرف پنجاب پوليس  زمان پارڪ ۾ پهچي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Leave A Comment