عمران خان کي جيل جي ان ئي ڪمري ۾ رکيو ويندو جتي نواز شريف قيد هو

سيپٽمبر 26, 2023

راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڊيالا جيل جي ان ئي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي جتي نواز شريف کي رکيو ويو هو

 ان ڏس ۾ جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ ڪمري جي صفائي سٿرائي ڪئي وئي، عمران خان کي عدالتي حڪم موجب سهولتون ڏنيون وينديون

جيل ذريعن موجب عمران خان کي جيل ۾ ڪمرو ۽ اٽيچ باٿ ڏنو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي کاڌي جي حوالي سان فيصلو اڃا ناهي ڪيو ويو

عمران خان لاءِ هڪ ملازم چوويهه ڪلاڪ مقرر ڪيو ويندو. جيل ذريعن موجب عمران خان کي ان ڪمري ۾ رکيو ويو آهي جتي نواز شريف کي رکيو ويو هو

کيس هاءِ سڪيورٽي بيرڪ ۾ رکيو ويو آهي کيس بي ڪلاس بيرڪ ڏني وئي آهي

Leave A Comment