عمران خان کي معدي جي تڪليف، رات جو شوڪت خانم مان علاج بعد گهر واپسي

مَي 20, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي معدي جي تڪليف ٿي پئي شوڪت خانم اسپتال مان چڪاس ڪرائي ذريعن موجب عمران خان رات جي وقت معدي جي تڪليف ٿيڻ تي شوڪت خانم اسپتال پهتو جتي 4 ڪلاڪ موجود رهيو

شوڪت خانم اسپتال ۾ عمران خان جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون طبي معائنو مڪمل ٿيڻ بعد عمران خان واپس پنهنجي رهائشگاهه زمان پارڪ پهتو ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا

Leave A Comment