عمران خان گهڙي وڪڻي فراڊ ڪيو، دڪاندار ٿاڻي پهچي ويو، ڪيس داخل

جُون 7, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف اسلام آباد ۾ فراڊ جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

شهري نسيم الحق جي فرياد تي توشا خانه جي گهڙي جي جعلي رسيد ٺاهي پيش ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪوهسار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

درخواستگذار الزام هنيو آهي ته عمران خان ۽ ٻين گهڙي وڪڻڻ ۾ منهنجي دڪان جون جعلي رسيدون استعمال ڪيون، جڏهن ته هنن سان اهڙي ڪا به ڏيتي ليتي ناهي ڪئي، جوابدارن منهنجي ڪاروبار کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

ڪيس ۾ عمران خان، سندس گهرواري بشريٰ بي بي، ذلفي بخاري، شهزاد اڪبر، فرحت شهزادي (فرح گوگي) سوڌو ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي

جوابدارن تي گهڙي وڪڻڻ جي معاملي ۾ جعلي رسيدون تيار ڪرڻ جو الزام آهي، ڪيس ۾ فراڊ، هيراڦيري، جعلسازي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن

Leave A Comment