عمران خان ۽ آءِ ايم ايف وفد ۾ ڇا طئي ٿيو؟ اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

جُولاءِ 8, 2023

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي آءِ ايم ايف وفد سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ملاقات دوران چونڊن جي مامري تي به ڳالهيون ٿيون

ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهيون ڪيون، ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سوال ڪيو ته اوهان ان ڳالهه جي ضمانت ڏيو ٿا ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون

عمران جي سوال تي آءِ ايم ايف وفد چيو ته آءِ ايم ايف ملڪ ۾ ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر رکندو آهي، اسان هڪ حد کان وڌيڪ سياسي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون

آءِ ايم ايف وفد چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جو پاڪستان جي سياسي معاملن تي ڪهڙو موقف هوندو ان جي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي، ايگزيڪيوٽو بورڊ ڊائريڪٽرز پنهنجي ميٽنگ ۾ پنهنجو موقف رکندا

ايگزيڪيوٽو بورڊ ميمبر پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ آزاد آهن ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف رپورٽ ۾ انهن جو موقف شامل ڪيو ويندو

آءِ ايم ايف وفد چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ان طرح ڊزائن ڪيو ويو آهي جو اميد آهي ته اقتدار جي منتقلي وقت تي ٿيندي، اميد آهي ته ان ڊزائين تحت نگران سيٽ اپ آئين موجب پنهنجي مدت دوران وقت تي چونڊون ڪرائيندو

Leave A Comment