اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي هفتي ۾ هڪ ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي جي اڊيالا جيل منتقلي تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي هلائي ان موقعي تي بشريٰ بي بي جي وڪيل عدالت آڏو پيش ٿي دليل ڏنا
جسٽس گل حسن اورنگزيب اسٽيٽ ڪونسل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عدالت ۾ سياست ٿي رهي آهي، اوهان چاهيو ٿا ته رول آف لا جي انڊيڪس ٻڙي تي اچي وڃي
هن چيو ته بشرا بي بي کي سزا کانپوءِ 141 عورتون اڊيالا جيل منتقل ٿيون ته پوءِ بشرا بي بي کي منتقل ڪرڻ جو جواز ته ختم ٿي ويو آهي
عدالت عمران ۽ بشرا جي هفتي ۾ هڪ ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عيد تي به ٻنهي جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.