عمران خان ۽ بشريٰ بي بي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ڏوهاري، رشوت خوري به ثابت، 17-17 سال ٽيپ، ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ

عمران خان ۽ بشريٰ بي بي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ڏوهاري، رشوت خوري به ثابت، 17-17 سال ٽيپ، ڏيڍ ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشه خانه ٽو ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي مجموعي طور 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ 10، 10 سال قيد، جڏهن ته پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) جي قلم 409 تحت 7، 7 سال قيد جي سزا ڏني وئي. مجموعي طور ٻنهي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ان سان گڏ ٻنهي تي في ماڻهو هڪ ڪروڙ 64 لک 25 هزار 650 روپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي وئي آهي. اسپيشل جج ارجمند شاهه سينٽرل اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي موجودگي ۾ توشه خانه ٽو ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيلن مان ڪو به عدالت نه پهتو. 13 جولاءِ 2024ع تي نيب توشه خانه ٽو ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان گرفتار ڪيو هو۔ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي 37 ڏينهن تائين اڊيالا جيل ۾ نيب جي تحويل ۾ رهيا، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد نيب 20 آگسٽ تي احتساب عدالت ۾ توشه خانه ٽو ڪيس جو ريفرنس داخل ڪيو۔ ايف آءِ اي توشه خانه ٽو ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ جي قلم 5 ۽ پي پي سي جو قلم 409 شامل ڪيو، جنهن تحت جوابدارن کي 14 سال قيد يا عمر قيد جي سزا به ٿي سگهي ٿي انهن قلمن تحت جوابدار ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نااهل به قرار ڏئي سگهجن ٿا۔  24 آڪٽوبر 2024ع تي بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو۔ ان کانپوءِ 20 نومبر 2024ع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ باني پي ٽي آءِ عمران خان جي به ضمانت منظور ڪئي۔ 12 ڊسمبر 2024ع تي ڪيس ۾ جوابدارن تي فردِ جرم لڳايو ويو۔ توشه خانه ٽو ڪيس جو ٽرائل لڳ ڀڳ هڪ سال اڊيالا جيل ۾ هليو۔ اهم شاهدن ۾ اڳوڻو ملٽري سيڪريٽري برگيڊيئر (ر) محمد احمد، پرائيويٽ اپريزر صهيب عباسي ۽ باني پي ٽي آءِ جو اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري انعام الله شامل هئا، جڏهن ته ايف آءِ اي پراسڪييوشن ٽيم چار شاهند جا نالا واپس ورتا۔ توشه خانه ٽو ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري ڌر پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ ٻنهي جوابدار خيانت ڪئي جيڪا ثابت به ٿي آهي. باني پي ٽي آءِ عمران خان کي الزام ثابت ٿيڻ تي پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 409 تحت 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته رشوت ايڪٽ تحت کيس 7 سال قيد جي سزا ڏني وئي آهي۔ فيصلي مطابق بشريٰ بي بي کي به مجموعي طور 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن تي في فرد هڪ ڪروڙ 64 لک 25 هزار 650 رپيا ڏنڊ به عائد ڪيو ويو. ڏنڊ واري رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻنهي کي وڌيڪ 6، 6 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي۔ فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي وڌيڪ عمر ۽ بشريٰ بي بي جي عورت هئڻ کي نظر ۾ رکندي کين گهٽ ۾ گهٽ سزا ڏني وئي آهي۔ ان سان گڏ جوابدارن جو جيل ۾ گذاريل عرصو به سزا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.