عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ
ڊسمبر 11, 2023
تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج قدرت الله ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳرائي، خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي چيو ته عدالت ۾ 2 گواهه پيش ٿيا، هڪ واقعو اکين سان ڏٺو ۽ ٻئي کي ٻڌايو، ان تي جج چيو ته توهان ڏسو ته قانون ڇا ٿو چوي، قانون مطابق شڪايت ڪندڙ سان گڏ 2 گواهه هجڻ ضروري آهن، قانون واضح آهي جنهن کي اسان تبديل نه ٿا ڪري سگهون، توهان خاور مانيڪا جو بيان ڏسو ان ۾ ڪجهه به نه آهي، خاور مانيڪا کي اڌ شڪايت ڪندڙ ۽ اڌ گواهه ته نه ٿا بڻائي سگهون نه، عدالت ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو