| عمران خان ۽ زال کي سزا خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهر |
نوشھرو فيروز (رپورٽر) تحريڪ انصاف پاران توشا خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي کي سزا ٻڌائڻ خلاف مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي رمضان لنڊ، افضل منگي ، امان عباس علي ۽ حاجي فيض محمد ملاح چيو ته توشا خانه ڪيس سياسي انتقام تي ٻڌل آهي، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي بنا ڏوهه جي سزا ڏئي عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. هنن چيو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي فوري طور آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان ۽ بشرا بيبي کي مليل سزا خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران ايڊووڪيٽ نورالدين چوهاڻ، محمد جادل منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مظاهرين خورشيد مهر، اڪبر علي بلو،مبين انڍڙ، عبدالرزاق ڪلوڙ،نياز احمد ڪلهوڙو، حبيب الله منگي ۽ ٻين چيو ته عمران خان ۽ بشرا بيبي جي غير قانوني سزا کي رد ڪريون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته عمران خان امت مسلمه جو ليڊر آهي، جنهن پاڪستان لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته عمران خان سميت جيڪي به پاڪستان تحريڪ انصاف جا اڳواڻ گرفتار آهن انهن کي فل فور آزاد ڪيو وڃي.