عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ٽرائل روڪڻ جو حڪم واپس، هاڻ جيل اندر کليل ٻڌڻي ٿيندي
جنوري 12, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سائفر ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، اٽارني جنرل پاران ان ڪيمرا جي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽرائل روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن ورنگزيب چيو ته اسان سڀني کان غلطيون ٿينديون رهنديون آهن، اچو ته ان ڪيس کي نئين سر شروع ڪريون. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان اڪرم راجا 14 ڊسمبر جي فيصلي کانپوءِ ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ته انهن تسليم ڪري ورتو آهي ته 14 ڊسمبر جو حڪم درست نه هو. اٽارني جنرل منصور اعواڻ 14 ڊسمبر کان پوءِ ٻڌڻي نئين سر شروع ڪرڻ جو خاطري ڪرائيندي چيو ته سمورن 13 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. سلمان اڪرم راجا چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي جج ٻه ڀيرا غلط فيصلو ڪيو، ٽرائل ٻيهر اتان واپس هلڻ گهرجي جتان غيرقانوني فيصلو ڪيو ويو هو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اسفند يار ولي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان سڀني کان غلطيون ٿينديون رهنديون آهن. اچو ته ڪيس کي نئين سر شروع ڪريون. دليل مڪمل ٿيڻ بعد اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ته عدالت سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪڻ جو حڪم واپس ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس تي حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف سائفر ڪيس جي عدالتي ٽرائل بابت اسٽي آرڊر ختم ڪري ڇڏيو، ڪيس جي 14 ڊسمبر کان ٿيل ڪارروائي ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت 14 ڊسمبر تي سائفر ڪيس جو ٽرائل اِن ڪيمرا ڊڪليئر ڪيو هو، وڪيل سلمان اڪرم راجا عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 14 ڊسمبر کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو وري ٻيهر ٿيندو، اسان جج خلاف به درخواست ڏينداسين جيڪو بار بار اها غلطي ڪري رهيو آهي، جيڪو سرڪار يا پراسيڪيوشن چاهي ٿي جج ان تي جلدي ۾ حڪم ڏئي ڇڏي ٿو، ان جي ڪري هاءِ ڪورٽ کي بار بار ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏيڻي پوي ٿي، هاڻي هن ڪيس جي ٻڌڻي جيل اندر ئي پر کليل عدالت ۾ ٿيندي.