عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ 10-10 سال قيد جي سزا: پي ٽي آءِ پاران فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان

جنوري 30, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خاص عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جڏهن ته تحريڪ انصاف پاران فيصلو چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

سائفر ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت جي جج ابوالحسنات اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائيندي ٻنهي اڳواڻن کي سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي

جج زباني طور مختصر فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو باني ۽ شاهه محمود قريشي فيصلو  ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هئا، پي ٽي آءِ باني جو عدالت ۾ 342 جو بيان به ريڪارڊ ڪيو ويو

 عدالت پي ٽي آءِ جي باني کي مخاطب ٿيندي چيو ته سائيفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي خبر نه آهي، سائيفر منهنجي آفيس ۾ هو

جج ابوالحسنات ٻنهي اڳواڻن کي چيو ته مون ڏانهن ڏسو، مان توهان کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو، شاهه محمود قريشي بيان ريڪارڊ ڪرڻ کاڻ اڳ ئي فيصلو ٻڌائڻ تي احتجاج ڪيو

ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئرسٽر گوهر خان پاران سائيفر ڪيس جي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري فيصلو ٻڌايو ويو

هن چيو ته هنن پي ٽي آءِ باني کي موت جي سزا ٻڌائڻ پئي چاهي پر عوام جي خوف کان ان سزا کي 10 سال قيد تائين محدود ڪيو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جو ڌيان اليڪشن تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 8 فيبروري تي سڀني جو احتساب ٿيندو، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ همدرد صبر جو مظاهرو ڪندي پرامن احتجاج ڪن

بيريسٽر گوهر خان وڌيڪ چيو ته اسانکي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ مان انصاف ملڻ جي اميد آهي

Leave A Comment