عمران خان ۽ فواد چوڌري کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

جُولاءِ 11, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن توهين واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌريءَ جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ هلائي

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، ٽئي ڄڻا عدالت آڏو پيش نه ٿيا

اسد عمر جي وڪيل حاضريءَ کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي، اليڪشن ڪميشن درخواست منظور ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

Leave A Comment