اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي چيئرمين عمران خان پنهنجي پنج سالن واري نااهلي جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي
بيرسٽر گوهر ايوب ۽ علي ظفر ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي، عمران خان جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن 8 آگسٽ 2023ع تي پنج سالن لاءِ ايم اين اي طور نااهل ڪيو
اليڪشن ڪميشن درخواست گذار کي چونڊن مان ٻاهر ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ غيرقانوني قدم کنيو آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي
درخواست گزار اليڪشن ۾ حصو وٺڻچاهي ٿو، جڏهن ته مٿس لڳايل الزام غلط آهن، ان ڪري عدالت اليڪشن ڪميشن پاران پنج سالن جي نااهلي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪيو وڃي