عمران چونڊن واري دنگل مان آئوٽ: اليڪشن ڪميشن 5 سال لاءِ نااهل ڪري ڇڏيو: اين اي 45 ڪرم تان ڊي نوٽيفاءِ

آگسٽ 9, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي 5 سالن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي اين اي 45 ڪُرم مان ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي

 اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳو، تنهن ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت نااهل ٿي ويو

 نوٽيفڪيشن موجب عمران خان اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 167 تحت ڪرپٽ پريڪٽس ڪئي، کيس اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 174 تحت 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 232 تحت 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو

واضح رهي ته 5 آگسٽ تي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو ويوآهي ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کي رد ڪريون ٿا، ترجمان چيو آهي ته اسين فيصلي کي اعليٰ عدالت ۾ چيلينج ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اداري ۾ غير فطري ۽ عير قانوني مداخلت جو نتيجوآهي

 مائنس ون فارمولي کي عملي جامو پارائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي عوام به رد ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن آئين کي اورانگھڻ جي منصوبي ۾ به برابر جو شريڪ آهي

 پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن بند ڪمرن ۾ ٺاهيل منصوبن ۽ سياست ۾ غير فطري ۽ غيرقانوني مداخلت وارو آهي، اليڪشن ڪميشن جو تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي حوالي سان تعصب قوم کان ڳجهو ناهي، هڪ تڪراري ٽرائل جي نتيجي ۾ آيل تعصباڻي فيصلي جي بنياد تي انتهائي تڪڙ ۾ مائينس ون فارمولي کي عملي جامو پارائڻ جي ڪوشش کي عوام به رد ڪري ٿو

 اليڪشن ڪميشن چونڊن جي التوا ۽ آئين کان انحراف جي منصوبي ۾ اهم سهولتڪار آهي، سپريم ڪورٽ جو 4 اپريل وارو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي آئين سان هٿ چراند جو داستان بيان ڪري ٿو، وقت اچي ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف التوا هيٺ ريفرنس بابت ٻڌڻي ڪري ۽ فيصلو ڏئي، تعصب ۽ مفلوج ذهن سان جمهوريت جي حقيقي قيادت کي سياست مان ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون

Leave A Comment