عمران خلاف توشا خانه ڪيس ۾ نئون موڙ، جج پاڻ لاءِ انصاف گهري ورتو

جُولاءِ 24, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ نئون موڙ اچي ويو آهي، ڪيس ٻڌندڙ جج پاڻ انصاف گهري ورتو آهي

ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ٻڌڻي دوران چيو ته ايف آءِ اي کي فيس بوڪ پوسٽ بابت لکي ڇڏيو آهي، مون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي به لکيو آهي ته مون کي به انصاف گهرجي

جج چيو ته ايئن سڀني سامهون فيس بوڪ پوسٽ جو ڪاغذ لوڏي ڏيکاريو ويو، ڪوئي ڪنهن لاءِ جج نٿو بڻجي سگهي مون کي به انصاف گهرجي

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جو وڪيل امجد پرويز ۽ سعيد حسن، پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجه حارث عدالت ۾ پيش ٿيا

پي ٽي آءِ ليگل ٽيم عدالتي ڪمري ۾ نعرن تي معافي وٺي ڇڏي، پي ٽي آءِ ليگل ٽيم عطاءَ تارڙ جو وڊيو پيغام جج همايون دلاور کي عدالت ۾ ڏيکاريو

 گذريل ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل فواد علي فواد عدالتي ڪمري ۾ فيس بوڪ پوسٽ وارو ڪاغذ لهرائي ڏيکاريو هو جنهن تي جج رمارڪس ڏنا

Leave A Comment