اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ڪرڻ وارو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان قانون واري وزارت جو عدالت اٽڪ جيل ۾ منتقل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪري ڇڏيو
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي جو اختيار ڏيڻ به چئلينج ڪيو ويو
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اٽڪ جيل ۾ عدالت منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن غيرقانوني آهي، ڪالعدم قرار ڏنو وڃي
پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت جي ذريعي درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ قانون ۽ گهرو کاتن جي سيڪريٽريز ۽ ڊي جي ايف آءِ سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي