عمران خلاف نيب شاهدن جي بيان بعد توشا خانه ڪيس ختم ٿي ويو: پي ٽي آءِ

جنوري 22, 2024

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ پاران باني چيئرمين عمران خلاف توشا خانه ريفرنس بابت دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عدالت ۾ نيب جي شاهدن جي بيان بعد ريفرنس بي بنياد ۽ من گهڙت آهي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته عمران جي وڪيل نيب جي شاهد عمران مسيح تي جرح ۾ سڄو ڪيس اڏائي ڇڏيو آهي، عمران مسيح دبئي ۾ ڀارتي دڪان تي 3800 درهم ماهوار تي پارٽ ٽائيم سيلز مين آهي، پي ٽي آءِ چيو آهي ته عمران مسيح کي نيب توشا خانه جي جيولري جون تصويرون موڪليون ۽ ان کان ورتل جواب تي سڄو ڪيس ٺاهيو، عمران مسيح ايف اي پاس آهي ۽ هن وٽ جيولري پرکڻ جو سرٽيفڪيٽ ناهي هن سموري معلومات غلط ڏني.

Leave A Comment