عمران دور: بشريٰ بي بي جي سرڪاري فيصلن ۾ مداخلت، ايٽمي ملڪ ٽوڻن ڦيڻن تي هلندو رهيو: برطانوي رسالو

  عمران دور: بشريٰ بي بي جي سرڪاري فيصلن ۾ مداخلت، ايٽمي ملڪ ٽوڻن ڦيڻن تي هلندو رهيو: برطانوي رسالو

لنڊن(م ڊ) برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ هر فيصلو جادو وسيلي ٿيندو هو، انٽيلي جنس ادارو بشريٰ بي بي کي ڳجهيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جيڪا وري اهي ڳالهيون عمران کي ٻڌائي حيران ڪندي هئي، پي ٽي آءِ جي باني اقتدار ۾ اچڻ ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرشد بشريٰ بي بي سان شادي ڪئي هئي. رسالي دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان جي ٽين شادي نه رڳو سندس ذاتي زندگي پر ان جي حڪومتي فيصلن تي به گهرا سوال پيدا ڪيا. اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ حڪومتي معاملن ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن سان فيصلن ۾ ”روحاني مشاورت“ جو پهلو وڌندو ويو. بشريٰ بي بي جي روحاني اثرن سبب عمران خان پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. رپورٽ ۾ ڪجهه مبصرن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳجهي اداري جا ڪجهه ماڻهو ڄاڻ بشريٰ بي بي تائين پهچائيندا هئا، جنهن کي هوءَ عمران خان سامهون پنهنجي روحاني قوت سان حاصل ڪيل ڄاڻ طور پيش ڪندي هئي، جنهن سان عمران تي بشريٰ بي بي جي روحانيت جو اثر وڌندو ويو. رپورٽ موجب عمران جي گهريلو ملازمن به بشريٰ بي بي جي جادو واري عمل لاءِ سامان آڻڻ جي به تصديق ڪئي، بشريٰ بي بي ڪاري رنگ جي جانورن جو گوشت، منڍيون ۽ زيرانڊي گهرائيندي هئي ۽ پنهنجي عمل وسيلي عمران جي ڳوڻي زال ريحام خان اثرن کي ختم ڪندي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ به باني وهمن وسوسن جو شڪار رهيو، قابليت جاصرف نعرا هئا، رياستي معاملن ۾ به بشرا بي بي جو مشورو آخري فيصلو سمجهيو ويندو هو. بشريٰ بي بي مقرريون، روز جا فيصلا، سفر جا وقت به طئي ڪندي هئي، وزيراعظم جو جهاز سندس اجازت کانسواءِ اڏام نه ڪندو هو. عمران جو هر عمل ۽ فيصلو سندس گهرواري بشريٰ جي تابع هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جهانگير ترين کي بشريٰ بي بي جي جادو جي اثر جي ڪري پارٽي مان ڪڍيو ويو هو. بشريٰ بي بي سان پنهنجي پهرين ملاقات کان پوءِ، جهانگير ترين خدشو ظاهر ڪيو هو ته کيس برطرف ڪيو ويندو. پهرين ملاقات ۾، هن جهانگير ترين کي چيو مان اڇو لباس پائي رهي آهيان ته جيئن توهان مون کي ڪاري جادو واري عورت نه سمجهو. رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي حڪم تي، وفادار ۽ ويجهن ساٿين ۽ ڊگهي عرصي کان گهريلو ملازمن کي هڪ کان پوءِ هڪ برطرف ڪيو ويو. عون چوڌري کي عمران بشريٰ بي بي جي چوڻ تي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويو. عون چوڌري کي ٻڌايو ويو ته بشريٰ بي بي خواب ڏٺو آهي ته جيڪڏهن هو حلف برداري تقريب ۾ آيو ته هوءَ نه اچي سگهندي. حلف برداري تقريب کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، باني عون چوڌري کي نه اچڻ لاءِ پيغام موڪليو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه انٽيليجنس عملدارن بشريٰ ۽ سندس ساٿين ذريعي باني کي اندروني معلومات پهچائي. انهن کي سياست ۽ فردن بابت ڪجهه اهم ڳالهيون ڳجهي نموني ٻڌايون. هن حاصل ڪيل معلومات کي روحاني معجزن طور تي پيش ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي عمران خان جي آرمي چيف جنرل باجوه سان ون آن ون ملاقات ۾ پڻ موجود هئي ۽ گهڻي دير تائين ڳالهائيندي رهي، جڏهن ته باني ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس آءِ عاصم منير کي سندس ڪرپشن جي رپورٽنگ جي ڪري سندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو. 9 مئي جي تشدد ۽ فوجي تنصيبات تي حملن جي ڪري باني ۽ سندس پارٽي جو ڪردار شڪي ٿي ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بشرا بي بي قوم جي هيرو کي جادو ڪري رهي هئي ۽ پنهنجي مرضي مطابق ان کي هلائي رهي هئي.
 

رپورٽ رد: پي ٽي آءِ پاران قانوني ڪارروائي جو اعلان
 اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر /ڏسو صفحو 5 بقايا 07

گوهر بشريٰ بي بي خلاف برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ جي آرٽيڪل کي ڪوڙ، شرپسندي ۽ ڪردار ڪشي قرار ڏيندي قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اهو آرٽيڪل شرپسندي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، بشريٰ بي بي عمران خان جي گهرواري هجڻ سبب جيل ۾ آهي، ان آرٽيڪل جو مقصد بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي ڪردار ڪشي ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان کان اڳ به عدت جهڙا الزام هنيا ويا، جنهن مان هوءَ آجي ٿي، هيءَ به هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي، اهڙن حربن سان بشريٰ بي بي کي نٿو ٽوڙي سگهجي. سندس چوڻ هو ته ان قسم جا آرٽيڪل اسپانسرڊ هوندا آهن ۽ اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين، وقت ثابت ڪندو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي.بشريٰ سياسي فيصلن تي زوري عمل ڪرائيندي هئي: تارڙ
 اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ دي /ڏسو صفحو 5 بقايا 08

اڪانومسٽ جي رپورٽ تي رد عمل ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جا سياسي، حڪومتي فيصلا ملڪي مفاد جي بنياد تي نه پر روحانيت جي بنياد تي بشريٰ بي بي جي حڪمن تي ڪيا ويندا هئا، بشريٰ بي بي اڪثر فيصلن تي اثر انداز ٿيندي هئي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهين جي دوران وفاقي وزير دعويٰ ڪئي ته اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي اڪثر سياسي فيصلن تي نه صرف اثر انداز ٿيندي هئي،  پر انهن تي زبردستي عمل به ڪرائيندي هئي. هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ باني جا سياسي حڪومتي فيصلا ملڪي مفاد لاءِ نه هوندا هئا پر اهي فيصلا روحانيت جي آڙ ۾ ڪيا ويندا هئا. سمورا معاشي ۽ سياسي فيصلا به بشريٰ بي بي ڪندي هئي. هن چيو ته عمران خان وزيراعظم شهباز شريف تي ڪوڙو الزام لڳايو هو، پي ٽي آءِ باني ڪوڙو الزام لڳايو ته شهباز شريف 10 ارب ڊالر جي آڇ ڪئي هئي، عدالت ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن کي سوالن جا جواب ڏنا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته عمران خان جي سياست منافقت، ڪوڙ کان سواءِ ڪجهه به نه هئي، پي ٽي آءِ 2017ع جي ڌرڻن ۾ ڪوڙا الزام لڳايا، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ٻُڙي آهي. هن چيو ته وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو اي پي ايس کان وڏو سانحو ٿي سگهيو ٿي، پر وانا ۾ پاڪ فوج ڪامياب آپريشن ڪري 500 کان وڌيڪ شاگردن کي ريسڪيو ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ڌماڪي کان پوءِ پاڪستان ۾ موجود سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو دورو جاري رکڻ تي سري لنڪن هاءِ ڪمشنر  جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ڪرڪيٽ ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پاڪستان هميشه کان امن جو خواهشمند آهي. اسان هر دهشتگرد جو پيڇو ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ملڪ آئين ۽ قانون جي تحت هلي رهيو آهي، ڪنهن جي پسند ۽ ناپسند جا فيصلا نه ٿيندا. هاڻ سمورا فيصلا عوام جي مفاد لاءِ ڪيا ويندا.خان “اثرن” هيٺ هو، جنرل باجوه ۽ عمران اسماعيل به شڪايت ڪئي
 ڪراچي: عمران خان جي اڳوڻي ساٿي ۽ سنڌ /ڏسو صفحو 5 بقايا 09

جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل بشريٰ بي بي بابت رپورٽ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته عمران خان ڪجهه اثرن هيٺ هو، جنرل باجوه به شڪايت ڪندو هو ته عمران خان بشريٰ بي بي کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جادو، ڦيڻي، ڪاري جادو جون ڳالهيون ٻڌيون هيون. شادي بعد عمران خان گهڻو تبديل ٿي ويو.