عمران ذهني مريض، قومي سلامتي لاءِ خطرو، سندس سياست ختم، پارٽي تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ جو فيصلو حڪومت ڪندي: پاڪ فوج

عمران ذهني مريض، قومي سلامتي لاءِ خطرو، سندس سياست ختم، پارٽي تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ جو فيصلو حڪومت ڪندي: پاڪ فوج

اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو رپورٽ/م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ذهني مريض جي سياست ختم ٿي وئي، هو قومي سلامتي لاءِ خطرو  بڻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي ۽ ڪي پي ۾ گورنر راڄ جو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو  آهي، پاڪستان کان وڌيڪ  ڪو ناهي ، هڪ شخص جون خواهشون ان حد تائين وڌي چڪيون آهن جو هو چوي ٿو ”مان نه ته ڪجهه به نه“. ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيف آف ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽر جو آغاز ٿي چڪو آهي، چيف آف ڊفينس فورسز هيڊ ڪوارٽر جي ڊگهي گهڻي عرصي کان ضرورت هئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد اندروني طور موجود قومي سلامتي خطري بابت آگاهه ڪرڻ آهي، رياست کان وڌيڪ ڪو به ناهي، هڪ شخص جي ذات ۽ خواهشون ايتريون وڌي ويون آهن جو هو چوي ٿو ”مان نه ته ڪجهه نه“.هن چيو ته هن جي سياست هاڻي ختم ٿي چڪي آهي، اهو همراهه هاڻي نيشل سڪيورٽي ٿريٽ بڻجي چڪو آهي ۽ ٻاهرين عنصرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.احمد شريف چوڌري چيو ته اسان جي هٿياربند پاڪستان فوج آهيون ۽ ڪنهن سياسي سوچ جو اولڙو ناهيون، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي سوچ تحت پاڪ فوج تي حملو ڪندو ته اسان به جواب ڏينداسين، اسان سياسي قيادت جو احترام ڪريون ٿا پر فوج کي پنهنجي سياست کان پري رکو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته فوج بابت تعميري راءِ يا آبزرويشن ٿي سگهي ٿي پر فوج خلاف ماڻهن کي ورغلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ڪو پنهنجي فوج يا قيادت تي حملو ڪري ٿو ته ڇا اهو ڪنهن ٻي فوج لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو؟ اهو شخص هر ملاقات ۾ رياست ۽ فوج خلاف بيان ڏئي ٿو، اهو بيان آئين، قانون ۽ ضابطن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته اها ئي فوج خارجي دهشتگردن ۽ عوام جي وچ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، دنيا جي هر ملڪ ۾ هڪ فوج هوندي آهي، هي ڪهڙو آئين ۽ قانون آهي جنهن تحت توهان هڪ ڏوهاري سانملو ٿا ۽ هو فوج ۽ ان جي قيادت خلاف بيانيو گهڙي ٿو؟ سندس پارٽي کان پڇو ته چون ٿا اسان کي خبر ناهي بيان ڪٿان هلي ٿو. ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته آرٽيڪل 19 تحت اظهار آزادي آهي پر ان جون به ڪجهه حدون آهن، آرٽيڪل 19 ملڪ ۽ قومي سلامتي خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نٿو ڏئي. هن لاءِ سياست جي تعريف اها آهي ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ هجي ته جمهوريت، نه ته آمريت آهي،بار بار ٽوئيٽ ۾ شيخ مجيب الرحمان جا مثال ڏئي ٿو.هن چيو ته هي شخص ماڻهن کي آپريشنز خلاف ڀڙڪائي ٿو، عوام کي چوي ٿو ته هنگامو ڪريو، اسان ڪليئر آهيون ته سندس سياست رياست مٿانهين آهي.هن چيو ته هو هڪ ذهني مريض آهي، هن وڌيڪ چيو ته رياست کان سواءِ اسان جي ڪا سڃاڻپ آهي نه اوقات نه ئي سياست، هن سڄي نيٽ ورڪ ۾ وڏا معاشي مفاد جڙيل آهن. جيڪو به هن نيڪسس جي خلاف بيهندو، ان تي حملو ڪرايو ويندو، ڪير اِهو نه چوي ته توهان 12، 13 سالن کان اقتدار ۾ آهي، گورننس ڪٿي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته اسان کي ڏينهن جي روشني وانگر چٽو نظر اچي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇو ٿي رهيو آهي ۽ ڪير ڪرائي رهيو آهي.هن چيو ته ڪوڙ ۽ فريب جو هي ڪاروبار نه هلندو، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان حق تي آهيون ۽ حق تي رهنداسين، هي صبح جو اٿن ٿا ۽ فوج بابت ڳالهائين ٿا، کين هڪ ”مينٽل ايڪو سسٽم“ ۾ رکيو ويو آهي، جتي هنن جي سڄي سياست فوج جي چوڌاري ڦري ٿي، هي ته چوندا هئا ته فوج وڙهي نٿي سگهي، فوج وڙهي ڏيکاريو يا نه؟ هنن ته اهو به ٻڌايو هو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي.