اٽڪ(پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ گرفتاري بعد رات اٽڪ جيل ۾ گذاري، جيل ۾کيس سي ڪلاس الاٽ ڪيو ويو اڻپوريون سهولتون ڏنيون ويون
تفصيل موجب اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج همايون دلاوار پاران توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا جو حڪم ملڻ بعد گرفتار ڪيل اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو آهي
جيل انتظاميا پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل جو سي ڪلاس الاٽ ڪيو آهي جڏهن ته کيس جيڪو ڪمرو ڏنو ويو آهي ان ۾ رڳو هڪ دري آهي، هڪ ميٽرس، هڪ ڪرسي ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڪولر پڻ فراهم ڪيو ويو آهي
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان قيد جي پهرين رات اڻپورين سهولتن ۾ گذاري
جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪرايو ويو، کيس جيل مينوئل تحت سهولتون ڏنيون ويون آهن
پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ منتقل ڪرڻ بعد جيل جي سڪيورٽي وڌائي وئي آهي جڏهن ته جيل ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن ، ڊي پي او اٽڪ موجب علائقي کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي