عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي: اڳواڻ داهگل ناڪي تان واپس

عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي: اڳواڻ داهگل ناڪي تان واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ روزاني فهرست ۾ شامل ڪنهن به اڳواڻ جي ملاقات نه ٿي سگهي۔ سڀ اڳواڻ داهگل ناڪي تان واپس روانا ٿي ويا۔ ان موقعي تي اڊيالا جيل جي چوڌاري انتهائي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا۔ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ باني پي ٽي آءِ سان ملاقات لاءِ روزاني فهرست ۾ 6 ماڻهن جا نالا شامل هئا۔ ملاقات لاءِ تيمور سليم جهگڙا، ايم پي اي لياقت علي خان، پير مصور خان ۽ محمد عدنان قادري اڊيالا جيل پهتا، پر پوليس کين داهگل ناڪي وٽ روڪي ڇڏيو۔ اڊيالا جيل جي چوڌاري انتهائي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته چار مختلف هنڌن تي پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون هيون۔ ڪالهه ڪنهن به اڳواڻ جي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ٿي سگهي ۽ سڀني کي واپس روانو ڪيو ويو.