عمران سان ملاقات لاءِ اڱارو ۽ خميس ڏينهن مقرر: ميڊيا ٽاڪ نه ڪرڻ جو حڪم
مارچ 25, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان اڱاري ۽ خميس جا ٻه ڏينهن ملاقات بحال ڪندي ملاقات ڪندڙن کي ميڊيا ٽاڪ نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته جيڪو به پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندو، اهو ميڊيا ٽاڪ نه ڪندو، سلمان اڪرم راجا جيڪي نالا ڏيندو، رڳو اهي ملاقات ڪري سگھندا، پي ٽي آءِ باني جي ٻارن سان ملاقات لاءِ ٽرائل ڪورٽ کي درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي.